Subscribe Us

شعور لائبريري بابت تاثرات

شعور لائبريري - علم ۽ روحانيت جو روشن مينار

شعور لائبريري

قلمڪار: اڪرم حيدري

علم ۽ روحانيت جو روشن مينار

شعور لائبريري شعور جي شمع، سچ جي سمت، سادگيءَ ۾ سونھاري سڃاڻپ، ۽ سائنس کان صوفيت تائين سجايل فڪر جو سفر آھي. ھن لائبريري جو بنياد وجھڻ وارو بافڪر باني، باادب شخصيت، ۽ باعمل عاشقِ علم حر فياض احمد بوزدار آھي، جنھن علم کي عبادت، ادب کي محبت، ۽ روحانيت کي حياتيءَ جي حقيقت بڻايو آھي. فياض بوزدار فيض جو پيڪر، فڪر جو مفسر، ۽ فطرت جو فھم رکندڙ انسان آھي، جنھن پنھنجي دل جي دنيا کي ڪتابن جي دنيا سان ڳنڍي ڇڏيو آھي. سندس خواب ھو تہ ھڪ اھڙو مرڪز قائم ٿئي، جتي لفظن مان روشني، ڪتابن مان سڪون، ۽ فڪر مان فيض نڪري. اھو خواب حقيقت بڻيو ۽ ان جو نالو ٿيو: شعور لائبريري۔

اھا لائبريري رڳو ڪتابن جو ڪو ڪوٺو ناھي، پر فڪر ۽ فن جو فردوس آھي؛ جتي قلمي جستجو ۽ قلبي جلا گڏجي ٿي. علم جا قافلا، ادب جا عقيدت وارا، ۽ روحانيت جا راهي ھتي اچي فڪر جي فيضان سان فيضياب ٿين ٿا.

استادِ محترم: عبدالرحيم عزمي جو فڪري فيضان

حر فياض احمد بوزدار، پنهنجي فڪر جو استادِ محترم، شاعرِ نغمہ نياز، ۽ صدارتي ايوارڊ يافتہ ادبي رھبر عبدالرحيم عزمي کي سمجھي ٿو. عزمي صاحب جو علمي عزم، ادبي نظم، ۽ روحاني نظر ئي بوزدار جي فڪر جي بنياد بڻيو. عزميءَ جي اشعارن ۾ جيڪا انساني عظمت، ايماني صداقت ۽ عشقي حقيقت آھي، سا ئي بوزدار جي شعور لائبريري جي فڪري فضا ۾ محسوس ٿئي ٿي. **عزمي صاحب لفظن جو لائٽ ھائوس آھن**، جنھن جي شعاعن مان فياض بوزدار جي فڪر جو فجر ڦٽيو. شعور لائبريري ۾ ادب جي آگ، علم جي ايندھن، ۽ روح جي راحت گڏجي ھڪ نئين دنيا ٺاھي آھي.

فياض بوزدار جو فلسفو

“علم انسانيت جي زينت آھي، ادب اخلاق جو عڪس آھي، ۽ روحانيت دل جي ديوانگيءَ جو در آھي۔”

اھا ئي سوچ شعور لائبريري جي سڄاڻ سڃاڻپ بڻجي وئي آھي. اڄ شعور لائبريري نہ رڳو مقامي سطح تي پر قومي سطح تي فڪر ۽ فن جو علمبردار بڻجي چڪي آھي. ڪتابن جي خوشبوءَ سان ڀريل ان جاءِ ۾ داخل ٿيندي، ڄڻڪ ڪنھن روحاني بستان ۾ داخل ٿيو ھجي. فياض بوزدار اهو نالو آھي، جنھن لفظن کي لعل بڻايو، **علم کي عبادت بڻايو**، ۽ ادب کي انساني فڪر جو آئينو بڻايو. سندس شعور لائبريري انسانيت جي اھو احساس جاڳائي ٿي تہ **پڙھڻ عبادت آھي**، ۽ علم ئي انسان کي انانيت مان نجات ڏئي ٿو.

 لائبريريون شعور ۽ ساڃاه جا مرڪز ھونديون آھن 


تحرير بيخود بلوچ

بيخود بلوچ پنو عاقل 


ھي ڊجيٽل دؤر جون ڪرم نوازيون آھن جو ڪتاب بہ گھر ويٺي آڱرين جي چر پر سان گھرائي پڙھي سگھون ٿا.. لائبريريون شعور ۽ ساڃاھ جا مرڪز ھونديون آھن اڳي لائبريري لاء عمارت جي ضرورت ھئي ھاڻ ڊجيٽل دؤر اھا تڪليف بہ دور ڪري ڇڏي ھاڻ تہ ڪتاب ء مئگزين بہ پي ڊي ايف تي اچي رھيا آھن ڪجھ وقت کان اسان جي دوست ۽ باڪمال شاعر محترم عبدالرحيم عزمي جي شاگرد حر فياض بوزدار جي محنتن سان شعور لائبريري ڪم ڪري رھي آھي جتان اسان جو نئون نسل اتساھ ۽ شعور جو درس وٺي رھيو آھي.حر فياض بوزدار کي جس


ڪتابن مان ٿي ملي سچ سندي سرھاڻ 

گھار ڪتابن ساڻ پنھنجي عمر پيار سان


بيخود بلوچ


 "شعور ڊجيٽل لائبريري، ڄاڻ جو بيش بها خزانو"۔


 تحرير: حڪيم پريم چاندواڻي۔

 

شعور لائبريري شعور ونڊڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي جنهن ۾ بهترين ليکڪن جا ڪالم آرٽيڪل شاعري مضمون تاثر مهاڳ نعتون حمد وغيره شامل هوندا آهن۔ 

هيء لابريري بهترين سولي سٺي ۽ سستي ڄاڻ ڏيڻ جي لاء وجود ۾ آندي وئي آهي۔ دوستن ليکڪن ۽ ادب جي طالب علمن کي گهرجي ته هن مان مڪمل فائدو وٺن۔ هي ساري دنيا وسيع تجربيگاه آهي۔ سکڻ ۽ سيکارڻ جي ڪابه عمر يا حد ناهي۔ 

حديث شريف آهي ته علم پرايو ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين۔

هي ويب سائيٽ به سکڻ ۽ سيکارڻ جي عمل کي مد-نظر رکي تيار ڪئي وئي آهي۔ 

جس لهي محترم حر فياض بوزدار صاحب جنهن ڪافي محنت ڪري هي ويب سائيٽ ترتيب ڏني آهي۔ سندس چوڻ آهي ته مون ادب جي دنيا ۾ جيڪو نالو ڪمايو آهي ان جو سارو ڪريڊٽ سندس ادبي رهبر صدارتي ايوارڊ يافته شاعر الحاج استاد عبدالرحيم عزمي ڏانهن وڃي ٿو۔ اهو سندس فيض جو ئي اثر آهي جو مان شاعرن اديبن جي وڏي حلقي ۾ ڄاتو سڃاتو وڃان ٿو۔ 

هن شعور لائبريريء ۾ قابل احترام شاعرن اديبن ڪالم نگارن جون بهترين تخليقون/ تحريرون پڙهڻ لاء دستياب آهن۔ 

سڀني دوستن کي گذارش ڪجي ٿي ته مڪمل سهڪار سان هن ادبي لائبريري شعور لائبريريء کي ڪامياب ڪن۔


شعور لائبريري ڄاڻ جي کاڻ



تحرير ـ بيوس سجاد ابڙاني


شعور لائبريري اھو املھ ذخيرو آھي جيڪو اڳتي ھلي يقينن بلند و بالا مقام حاصل ڪندو مون سميت تمام بھترين شاعرن ۽ ليکڪن جي مواد کي سھيڙي ڪري اڳتي کان اڳتي وڌي رھي آھي ان اميد سان ته اسان جي منزل اڃان به اڳتي ھي ادب جي دنيا جو ھڪ لاڀائتو مرڪز ثابت ٿي رھي آھي ھن لائبريري جو مقصد تمام سنڌ ڌرتيء جي با شعور دوستن جي سخنن کي سلھاڙڻ سھيڙڻ ۽ علم جي حاصلات ڏئڻ آھي علم حاصل ڪرڻ ڪنھن نعمت کان گھٽ ناھي علم ھڪ روشن واٽ ۽ نور مثل آھي بي علم انسان کي جھالت جي اوداھي مان ڪڍڻ جو بھترين ذريعو ثابت ٿيندي شعور لائبريري جس ھجي پياري حر فياض احمد بوزدار کي جنھن مون سميت ڪافي دوستن کي ڪائل ڪيو ھن ويب سائٽ تي ڪم ڪرڻ لاء سندس اھو عمل ساراھ جوڳو آھي

انشاء الله ساٿ ھلندو رھي 

لاٽ ٻرندي رھي 

منھنجون تمام نيڪ تمنائون پياري فياض ۽ سندس ھن بھترين عمل جي لاء ـ

Post a Comment

0 Comments