Subscribe Us

آئيني جي اڳيان۔ "نيت صاف مراد حاصل" حڪيم پريم چاندواڻي۔ شعور لائبريري



آئــينــــي جــــــي اڳيــــــان
       "نيت صاف مراد حاصل"

        حڪيم پريم چاندواڻي۔

 پوک پچي ٿي پاڻيء تي، انسان تڳي ٿو نيت تي، نيڪ نيتي تاريندي آ، بد نيتي وري ٻوڙيندي آ۔ تنهن ڪري ڇون نيڪ نيتي ڌارجي ۽ ٻڏڻ کان بچي پئجي۔ 

بدنيتي نانگ مثل آهي، تڏهن ڏاها چوندا آهن ته بدنيتيء جو نانگ کائيندو کوٽن کي۔ 

سرسري نظر سان ڏٺو وڃي ته بدنيتي وڌندي پئي وڃي جڏهن ته نيڪ نيتيء جي کوٽ پئي نظر اچي۔ 

لاکيڻو لطيف فرمائي ٿو ته:

"اکر پڙھه الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار،

اندر تون اجار، پنان پڙهندين ڪيترا"

جڏهن نيڪ عمل ڪبا ته اسان جي اندر جي موسم، خوشگوار ۽ وڻندڙ هوندي ۽ طبيعت ۾ خوشي محسوس ٿيندي ٻي صورت ۾ دل تي بار ۽ بيچيني محسوس ٿيندي۔ جڏهن اندر جي موسم پياري ۽ ملهاري هوندي ته اسان کي ساري دنيا وڻندڙ ۽ خوبصورت لڳندي ٻي صورت ۾ ساري دنيا اونداهي گولي کان وڌيڪ ڪجھه به نه لڳندي۔ جيڪڏهن پاڻ کي اڃ ۽ بک هوندي ته ساري دنيا اڃايل ۽ بکايل لڳندي۔ جيڪڏهن اسان جي دل خوبصورت آهي ته هر چهرو خوبصورت لڳندو ڇاڪاڻ ته سونهن حسن يا خوبصورتي ڏسڻ واري جي اکين ۾ ئي هوندي آهي۔ تنهن ڪري اهو ئي بهتر ٿيندو ته پنهنجي دل جي درپن کي سدائين اجرو رکجي ته جيئن هر عڪس، هر نظارو هر چهرو اسان کي خوبصورت ۽ وڻندڙ لڳي۔ جڏهن اندر اجرو هجي ٿو ته اسان کي ڪشف جهڙي نعمت نصيب ٿئي ٿي ۽ قدرت هر وقت اسان جي رهنمائي ڪندي رهي ٿي ۽ هر خطري کان اڳواٽ آگاهي ملندي رهي ٿي، جنهن ڪري ڪافي عذابن ۽ تڪليفن کان بچي سگهجي ٿو پڻ ٻين کي آگاهي ڏئي خلق- خدا کي برباديء کان بچائي نيڪيون ۽ ثواب ڪمائي سگهجن ٿا۔ 

جيڪي بي فيض ۽ بي وڙا ماڻهو هوندا آهن، اهي ڪوڙا وعده ڪندا آهن، زمانو گهڙي ٿو ڪوڙو بهانو۔ يا وري سوال ڪرڻ تي ايتري ته تيزيء سان هاڪار ڪندا آهن جو سمجهبو آهي ته هن وٽان ڪم ضرور ٿي ويندو۔ پر شايد چند ڏينهن کان پوء کين پنهنجو وعدو وچن ياد ئي ناهي رهندو۔ هر روز هڪ نئون بهانو بنائڻ، هر روز سخن مٽائڻ ۽ ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪري جند ڇڏائڻ انهن جي فطرت ۾ شامل هوندو آهي۔ دين اسلام اسان کي وعدي جي اهميت ٻڌائي ٿو، تنهن ڪري هر صورت وعدي وفائي ڪرڻ گهرجي۔ 

ڪوڙن ماڻهن کي ايڏن ڪوڙن ڳالهائڻ مان ڇا هڙ حاصل ٿيندو آهي۔ اهي هو خود ئي ڄاڻندا هوندا پر منهن جي خيال ۾ کين ڪجھه به پلئه ناهي پوندو پر هو پنهنجي فطرت کان مجبور هوندا آهن۔ ويتر سندن شخصيت جو گراف هيٺ هلندو ويندو آهي۔ اڪثريت اهڙن شخصن سان ڪار وهنوار يا وڻج واپار اهو سوچي ناهن ڪندا ته هي ڪوڙو شخص آهي۔ ڪوڙ هر گناھ جي جڙ آهي، ڪوڙ ڳالهائڻ سان رب پاڪ سان روحاني رابطو بلڪل يا جزوي طور ڪٽجي وڃي ٿو جنهن ڪري دعائون مستجاب نٿيون ٿين ۽ انسان وڏي خساري ۽ تڪليف ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو، انهيء سبب روحاني سڪون يا روحاني خوشيون کسجي وڃن ٿيون، پريشانيء ۽ ذهني ڪشمڪش وارو ماحول جڙي ٿو۔ وڏي ڳالھ ته ڪوڙو شخص پنهنجي ڪردار مان به مطمئن ناهي رهندو ۽ ويڳاڻپ جي واديء ۾ غرق ٿيندو ويندو آهي، سندس هر عمل به قدرتي اصولن جي ابتڙ ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي جنهن تي هن جو پنهنجو ضابطو به ناهي رهندو سولن لفظن ۾ ائين چئجي ته اهڙو شخص شيطان پليت جي هٿن ۾ ڪٺ پتلي بنجي تماشو بنجندو رهندو آهي۔ وڏي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ ڪلھ اهڙا بي فيض، نامراد، نافرمان، منڪر، ڪوڙا، حقن خور، ويساھ گهاتي ڪندڙ، وعدن تان ڦري وڃڻ وارا، قسم کڻي ڪوڙ ڳالهائڻ وارا، رشتا ناتا قطع ڪرڻ وارا، وڏن ۽ والدين جو احترام ادب نه ڪرڻ وارا، سست نڪما، ڪم چور ۽ پنهنجي فرضن کان غافل شخص اڪثريت ۾ آهن۔ اهي انا ۽ پاڻ پڻي ۾ گرفتار يا گم رهندا آهن ۽ چوندا آهن ته اسان ڪنهن کي به خاطر ۾ ناهيون آڻيندا۔ ان جو اهو مقصد ٿيو ته هو وڏائي، آڪڙ هٺ ۽ "مان" "مان" ۾ مستغرق هوندا آهن ۽ سندن هر هائوڪار يا ڀلائي به رسمي ۽ ڏيکاؤ خاطر ئي هوندي آهي۔ 

انهن شخصي اوڻائين جو سبب ڇا آهي۔ ماڻهو ڇو ايترا خودغرض ۽ پاڻ پرست ٿيندا ٿا وڃن۔ منهن جي خيال ۾ ته هو محبتن ۽ حقيقن کان اڻواقف آهن يا سندن اندر خالي هوندو آهي، وڄندا گهڻو آهن پر عمل ٻڙي هوندو اٿن۔ جيئن ته سندن اندر ئي خالي هوندو آهي ته پوء سکڻي ڪنيء وانگي گهڻو اڀامندا رهندا آهن۔ سندن اندر جو خالي پڻو کين عوام الناس ۾ خواريء جو سبب بنجندو رهندو آهي۔ انهيء ڪري هو عوام ۾ غير مقبول، غير فعال يا ناپسنديده شخصيت ئي ٿي رهندا آهن ۽ جيئن ته پاڻ فوٽ بال وانگر ٿڏبا رهندا آهن تنهن ڪري هو ساري دنيا کي منفي سوچ جو حامل سمجهندي سڀني سان ناڪاري رويو رکندا آهن۔ هيء جهان ڏي وٺ ۽ گهر ته گهرانء جو جهان آهي۔ عزت ڏئي عزت وٺبي آهي۔ باقي جيڪو ڪجھ ڏيڻ ئي نه سکيو آهي، اهو وٺندو ڪيئن۔ ڪافي دوستن جا رويا ايترا ته خراب ٿي چڪا آهن جو ڪيترا به اوهان دعائن جا پيغام اماڻيو جواب ڏيڻ هو پنهنجي توهين سمجهندا آهن، اٽلو ڪڏهن پڇڻ تي جواب ڏيندا ته اسان ته توهان جا ميسيجز ڏسندا به نه آهيون۔ يا وري فون ڪيو ته کڻندا ئي نه يا وري بزي ڪري ڇڏيندا۔ اهڙا شخص جي ٻين جي گلا ڪن ته ڇا ڪرڻ گهرجي۔ اهي لاتعلقيء وارا رويا روز بروز وڌي رهيا آهن اهو ئي سبب آهي جو هر شخص پاڻ کي دنيا جي متل ميلي ۾ اڪيلو ٿو محسوس ڪري۔ 

هڪ ته هر فرد لاء ايترا ته مسئلا ۽ مونجهارا آهن جو هر هڪ پريشانيء ۽ حيرانيء واري حالت ۾ ٿو وقت گذاري، ويتر اهي بيرحم رويا هر انسان کي ويڳاڻپ ۽ اڪيلائيء طرف ڌڪي رهيا آهن۔ هر هڪ شخص اهڙن بيرحم فطرتن جو ستايل ۽ ڏکايل آهي۔ پر انجو ڪو به واضح حل نظر يا سمجهه ۾ نٿو اچي۔ سڌريل سماج ۾ هر انسان ٻئي انسان جو غمخوار ۽ مددگار هوندو آهي ۽ انهن کي ڪنهن محتاج يا ضرورتمند جي مدد ڪندي دلي خوشي محسوس ٿيندي آهي۔ پر جڏهن اندر ئي اجرو نه هوندو ته پوء اهڙن فردن کي ٻين کي ستائڻ، اذيتون ڏيڻ، پريشان ڪرڻ ۽ پير ڪڍڻ ۾ بيحد مزو ايندو آهي ۽ هو ڪنهن کي پريشان حال ڏسي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي پنهن جي نام نهاد انا "Ego" کي تسڪين ڏيندا آهن۔ پاڻ پرست ماڻهون حقيقت ۾ بت پرست ماڻهون هوندا آهن۔ ۽ اهي ايترا ته مفاد پرست، مطلب پرست ۽ خودغرض ٿي ويندا آهن جو انهن جي نظر پنهن جي پيرن کان اڳتي وڌندي ئي ناهي۔ اهي ظاهري ۽ اندروني اکين کان انڌا ٿي ويندا آهن يعنى' هو ڏٺي کي اڻ ڏٺو ڪري نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن۔ اهڙن بي فيض ماڻهن جو تڪيه ڪلام هوندو آهي ته "چڱائي چڱي آهي پر ڪجي نه" هاڻي اگر انهيء جملي جو ڇيد ڪجي ته چڱائي چڱي تڏهن آهي، جڏهن ڪوئي ساڻن چڱائي ڪري پر هنن کي ٻين سان چڱائي ڪرڻي ناهي۔ هاڻي جيڪو چڱا ڪم ئي نٿو ڪري ان کي چڱو ڪيئن سڏبو يا جڏهن هو پاڻ ابتي موٽ ڏيندو رهندو ته پاڻ ڪهڙي سٺي موٽ جي اميد رکندو۔ 

حاصل مقصد ته اهڙن بي فيض ماڻهن کي پنهنجو اندر اجاري ڀلائيء جي رستي تي هلڻو پوندو ٻي صورت ۾ کين ٻين کي برو ڀلو چوڻ جو ڪو به حق حاصل ناهي۔ جڏهن به اصلاح جي شروعات ڪبي آهي ته پاڻ کان ۽ پنهن جي خاندان کان ئي ڪرڻي پوندي آهي۔

هرڪو اگر پنهنجي حصي جي مشعل روشن ڪري ته جيڪر سارو جهان جڳ مڳ جڳ مڳ روشن ٿي پوي رات جي سمي تي به ڏينهن جو گمان ٿئي، اونداهي انڌوڪار جو نانؤ نشان نه رهي هر هنڌ عدل انصاف سان خوشي ۽ خوشحاليء جون عيدون هجن۔ 

جي اندر جي دنيا اجري هوندي،

دنيا ۾ ڪائي، ڪمي نه ڏسبي۔

نيڪي نيڪي نيڪي ڪر دستور- عمل،

نيڪيء سان ئي مان امرتا ملندي آ،

نيت نيڪ مراد حاصل،

بد نيت آ، جاهل غافل۔ 

لاکيڻو لال لطيف فرمائي ٿو ته:

سرمون سفيديء جو جڏهن پاتو جن،

تڏهن ڏٺي تن، اڇائي عالم ۾۔"

Post a Comment

0 Comments