غزل : وسند چوھاڻ
توسان گهاريم گهڙيون ساري راڻا
روئن منهنجا هي نيڻ نماڻا
ٿڌا ريٽ ٿر جا ڪئي هئي ڪچهري
اڃان ناهن وسريا اُهي ٺڪاڻا
ڪٿي يار آهيون اسان قرارن ۾
اسان وٽ رهيان آهن دردن گهاڻا
اوهان جي جدائي جهوريو جِيء آ
اسان ٿي وياسين يار ويڳاڻا
وسارڻ وسند جي وس جي ڳاله ناهي
سدا ياد رهندا اُهي پيار پراڻا
0 Comments