وائي نظام دراني
ڏسي توکي سرڪار - روح ٿو راڻا ٺري
صبح صبح جو اٿڻ . سان ڏيندو آن ديدار
روح ٿو راڻا ٺري
رات جو سپنو ڏٺم . ڇانورو تنهنجو يار
روح ٿو راڻا ٺري
ڀر ۾ جڏهن تون آهين . ايندو دل کي قرار
روح ٿو راڻا ٺري
ڳالهيون تنهنجون مٺيون . لڳن ٿيون جهڙو بهار
روح ٿو راڻا ٺري
سونهن تنهنجي سينگار . اکين ۾ ٿو وسار
روح ٿو راڻا ٺري
ساٿ تنهنجي پيارو . لهندو سارو انتظار
روح ٿو راڻا ٺري
وڇائي جڏهن ڏيندو . آهين دراني کي وار
روح ٿو راڻا ٺري
0 Comments