Subscribe Us

ڏسي توکي سرڪار روح ٿو راڻا ٺري وائي نظام دراني

 وائي نظام دراني

ڏسي توکي سرڪار - روح ٿو راڻا ٺري


صبح صبح جو اٿڻ . سان ڏيندو آن ديدار

روح ٿو راڻا ٺري


رات جو سپنو ڏٺم . ڇانورو تنهنجو يار

روح ٿو راڻا ٺري


ڀر ۾ جڏهن تون آهين . ايندو دل کي قرار

روح ٿو راڻا ٺري


ڳالهيون تنهنجون مٺيون . لڳن ٿيون جهڙو بهار

روح ٿو راڻا ٺري


سونهن تنهنجي سينگار . اکين ۾ ٿو وسار

روح ٿو راڻا ٺري


ساٿ تنهنجي پيارو . لهندو سارو انتظار

روح ٿو راڻا ٺري


وڇائي جڏهن ڏيندو . آهين دراني کي وار

روح ٿو راڻا ٺري

Post a Comment

0 Comments