Subscribe Us

Baban Faqeer Poetry

نعت شريف 

ٿلھ

حبيب ڪبريا آيو ڏنو ڏاتار بسم اللہ

الله آندو الله آندو سھڻو صد بار بسم الله


1  عجيبن جي اچڻ سان ٿياخوشيءَ۾خوش سڄا ساسي

پڙھي لک حمد ڪيئون رب جا شڪر اشڪار بسم الله


2  وڏو ٿورو ڪري مولا ڇڏيو عاصين اٻوجهن تي

ڏنئين چونڊي سوا لک کان صفا نروار بسم الله


3  لکي ڇا ڇا قلم سگھندو سڄڻ جي سونھن ۽ سيرت

اھڙو خلقيو نه خالق آ پرين پڳدار بسم الله


4  يتيمن ۽ غريبن جو بيواھن جو به آ واھي

محمد مصطفي سھڻو اڙين آڌار بسم الله 


5  نه ٿي مايوس اي(بابن) لڳي لڙھ پئو وٺي دامن 

تڙيو ڪو ڪو نه آ طرفئون سندن پينار بسم الله

 

Post a Comment

0 Comments