غزل بيوس سجـــــاد ابڙاني
خار پوئي غم جا ھار گلي پاتم
غزل بيوس سجـــــاد ابڙاني
گھرا زخم پنھنجي سيني پاڻ لاتم
عشق جي آتش اھڙو انڌو ڪيو
ارمانن جي قاتل کي مسيحا ڄاتم
اميدون ساريون ويون خاڪ ٿي
سا خاڪ کڻي لڱين سر ناتم
ڀليل ھيس بيقدرو قدر ڪندو
سنگدل کي اصل ڪين سڃاتم
لکي اوسر غم جا المناڪ 'بيوس'
ڪري ماتم ـ ويٺي نوحو ڳاتم
0 Comments