غزل : محمد حنيف گلڙي
![]() |
| شاعر محمد حنيف گلڙي |
ٿِيون ڪَن بور سنسارجُون ڳَالھيون
کوڙ بي مقصدآھن يار جون ڳالھيون
نٿو نظر اچي امن ڪٿي ھاڻي يارو
رڳو ھر جاءِ آھن تڪرار جون ڳالھيون
نه ھاڻي رھي خوشيءَ ۾ خوشي آھي
ڪندو آ ھر ڪو آزار جون ڳالھيون
ميت جي جنازي ۾ ڪري ٿو ھر ماڻھون
رڳو بس دنيا ۽ واپار جون ڳالھيون
ڪري ٿو نفرتن جي ھر ڪوئي ڳالھ
نه ٿو ڪري ڪو به پيار جون ڳالھيون

0 Comments