![]() |
| شاعر مھر فقير |
غزل
فصلن مٽايا رنگ اچ
نمي پيا هن سنگ اچ
اچ ڪيون عهد نئون
ڏوڪا ٿيڙا ڏنگ اچ
ڏسي وائسي پرکي هل
ماڻهو هڻن ٿا ڏنگ اچ
مڃان ٿو مور تتر سهڻا
آهن پڻ پيارا ڪنگ اچ
ٻار پڙهن ايڪ ڏون ڏون
آواز وڏي سان انگ اچ
هل هلي کين ڇوڙيون
مال ڀٽاري جا ونگ اچ
ڪيڏي آ غربت سنڌ ۾
ننگن جا ڍڪڻ انگ اچ
سنڌ امن علم جي ڌرتي
ختم ڪيون آئس ڀنگ اچ
بي ڌڙڪ هليو آ ڀورل
کليل دل جا لنگھ اچ
سنڌ جو شاعر مهر فقير
بچايون ڌرتيء دنگ اچ
مهر فقير

0 Comments