Subscribe Us

وڻ جا ويچار ٻاراڻو ادب - بيخود بلوچ

وڻ جا ويچار

وڻ جا ويچار 🌲 👫

(بيخود بلوچ)

منھنجو نالــــو وڻ آ ٻار

ڇانو ڏيان ٿو مان ھربار

ننھٽڻ اس ۾ ويھن روز

منھنجي ھيٺان اچي ڌنار

پن ڇڻ ۾ ٿا رھن اداس

پنن بنا ھي منھنجا ڏار

مون ۾ ايندي آھي نواڻ

جڏھن ايندي آهي بھار

پوء به مون تي ڇو انسان ؟

کڻي ڪھاڙي ڪن ٿا وار

مون وانگر دنيا ۾ ٿيءُ

او ڌرتي جا پيارا ٻــــار 💖

Post a Comment

0 Comments