Subscribe Us

نظم ٻاراڻو ادب: بيخود بلوچ

مٽي — بيخود بلوچ | ٻاراڻو ادب

مٽي

نظم: بيخود بلوچ — ٻاراڻو ادب

مننھنجو نالو مٽي آھي ڪھڙي ٻالڪ کي سڌ ناھي ؟ مون کي سارو جڳ سڃاڻي منھنجو ماڳ بہ ھرڪو ڄاڻي پٽ مٿان مان ھوندي آھيان ظاھر آھيان لڪل ناھيان پٿر جي ذرڙن سان ملان ٿي معدنيات مان آء ٺھان ٿي ڪاٺ ڇڻيل پن ڇڻي وڃن ٿا مون سان ملندي مٽي ٿين ٿا آء ٻين جاندار شين مان جڙي ڪري مٽي ٿي سڏجان ڪٿ مان ڳاڙھي خاڪي آھيان ڪٿي لٽاسي چيڪي آھيان موت سڀن کي مڃڻو آھي ھرڪو مون ڏي اچڻو آھي مٽيءَ جو آ ماڻھو ھرڪو ٻارو پوء تڪبر ڇا جو؟

Post a Comment

0 Comments