Subscribe Us

ٻاراڻو ادب بيخود بلوچ

وقت سان گڏجي ھل او ٻالڪ - بيخود بلوچ

وقت سان گڏجي او ھل ٻالڪ

بيخود بلوچ

وقت سان گڏجي ھل او ٻالڪ

ماڻ ھلــڻ جو ڦـــــل او ٻالڪ

لکن ڪروڙن کان به مٿي آ

ھڪڙو ھڪڙو پل او ٻالڪ

ھن دنيـــا ۾ ھونـــــدو آھــي

ھر مشڪل جو حل او ٻالڪ

پھريائين پڙھ پوء وڃي ڪا

راند به کيڏ تون ڀل او ٻالڪ

منھنجي تنھنجي لاءِ دعا آ

ماڻين منزل شل او ٻالڪ

Post a Comment

0 Comments