Subscribe Us

مٺا من جا منٺار وساري ڇڏيئي ڀلا ڇو غزل محمد حنيف گلڙي

محمد حنيف گلڙي
غزل
مٺا من جا منٺار وساري ڇڏيئي ڀلا ڇو
سڄڻ منھنجو پيار وساري ڇڏيئي ڀلا ڇو

ھيو جڳ سارو ته منھنجو دشمن پرين پيارا 
وري تو ڀي دلدار وساري ڇڏيئي ڀلا ڇو

 وٺا مينھن نه آئين مٺا ٿيو سائو ٿربر
ويو ھليو بھار وساري ڇڏيئي ڀلا ڇو

نيڻ ٿا راھون اوھان جي اچڻ جون نھارين
صبح شام انتظار وساري ڇڏيئي ڀلا ڇو 

خدا جي واسطي ڪري ڪرم اسان وٽ اچو ير
جيئري ٿئي ديدار وساري ڇڏيئي ڀلا ڇو

 

Post a Comment

0 Comments