Subscribe Us

زندگيء جي، معنى' ڇاهي حڪيم پريم چاندواڻي

"ڪو ڪيئن چوي"۔
حڪيم پريم چاندواڻي۔ 

زندگيء جي، معنى' ڇاهي،
جهد مسلسل، حرڪت آهي۔ 

بيڪار ويهڻ کان، بيگار ڀلي آ،
ڪم چوريء کان ڪا ڪار ڀلي آ۔ 

ڀلائي ڪرڻ سان، ڀلو آهي ٿيندو،
برائي ڪرڻ سان، برو آهي ٿيندو۔

خواهشون مٽجي ٿين ٿيون حسرتون،
هر حال ۾، پوريون ڪجن ضرورتون۔

حسد برو آ، ريس سٺي آ،
ريس ۾ محنت خوب ڪبي آ۔

سهڻو رڳو اشتهار آ،
باقي سڀ، بيڪار آ۔ 

ڪوششون ٿيون رنگ لائن،
ڪاميابيء جي، سنگ لائن۔ 

مشڪلن ۾، ڇوٽ ملي ٿي،
ڪاٿي عمدي، موٽ ملي ٿي۔ 

ايئن نامراديء کان بچجي،
سدا ادب سان، ئي رهجي۔

هر منزل ٿي، آسان ويندي،
جي ڪوششن ۾ جان هوندي۔

ڪاميابيون!!، تحفي ۾،
ملنديون ناهن، لحظي ۾۔

جستجو جاکوڙ، ڪجي ٿي،
غمن پويان، خوشي ملي ٿي۔

 

Post a Comment

0 Comments