جانب کوسو
غزل
وڻن ٿيون ڪيتريون نيريون
پرين تنهنجو اکيون نيريون
چيائون آڻجان مون لئه
شهر مان چوڙيون نيريون
شهر آ ننڊ ۾ ليڪن
پيون جاڳن بتيون نيريون
پرين کي مون ڏنو تحفو
وڳو نيرو سڳيون نيريون
ندي نيري تڏهن تنهن جون
ٿيون ڏسجن ڇوليون نيريون
لڳل جانب جي ڪمري ۾
آ در نيرو دريون نيريون

0 Comments