غزل
ھـاڻي تـنـھـنـجي تـات سـاڳـي ڪانہ آھي
ڏيـنـھـن سـاڳـو رات سـاڳـي ڪانہ آھي
ويو جڏھن کان آھين وڇڙي تون اسانکان
ھيء اسـان جي ذات سـاڳـي ڪانہ آھي
وات آھن جيترا ڳالـھيون بہ آھن اوتريون
وائي ڪنھن جي وات سـاڳـي ڪانہ آھي
وڻ ويـا وڍجـي ٿيا سڀ ڳوٺ آھـن اوپـرا
ھـئہ! پـکـيـن جي لات سـاڳـي ڪانہ آھي
برھ بازي جو مزو ويو موڪلائي تو پڄاڻا
جـيـت سـاڳـي مــات سـاڳـي ڪانہ آھي
مـاڪ ھاڻي ٿي چِڪائي چـاڪ مـنـھـنـجا
ھـا پـريـن! پـرڀــات سـاڳـي ڪانہ آھي
اوج آمد جي ھئي الطاف تنھنجي تانگھ ۾
تـون نہ آھـيـن ڏات سـاڳـي ڪانہ آھي

0 Comments