نثري نظم: اسد راهي رند
مون رت ۾ باهه محسوس ڪئي آهي،
مون وقت جي ديوارن تي لکي ڇڏيو آهي:
هاڻي خاموشي نه رهندي! هاڻي ظلم نه هلندو!
آءٌ اُن ڌرتيءَ جو پٽ آھيان، جنهن جي هوا به
سوال پڇي ٿي، جنهن جو آسمان به انصاف چاهي ٿو، جنهن جي مٽي مان بغاوت جا گل ڦٽن ٿا.
مون ظلم ڏٺو آهي، مون سچ لٽجندي ڏٺو آهي،
مون خوابن کي زنجيرن ۾ ٻڌل ڏٺو آهي، پر هاڻ، خوابن جا هٿ آزاد ٿيندا، هاڻ، اکين ۾ فقط خوف
نه هوندو، اکين ۾ انقلاب جي چمڪ هوندي!
هي آواز رڳو رند جو ناهي، هي اسد جي صدا آهي اُن هرنينگر جي،جنهن جي هٿن ۾ قلم آهي،۽ دل ۾ باهه!اسين لکنداسين،اسين ڳالهائينداسين،اسين هلنداسين، جيتوڻيڪ رستو وريل آهي، پر واٽ اسان جي آهي!
0 Comments