Subscribe Us

غزل نظام دراني شيطان جو رستو آ ڏک ڏکوئيندڙ


 

غزل نظام دراني


شيطان جو رستو آ ڏک ڏکوئيندڙ،

سچ کان ڀلا هٽي، حيوان ڇو ٿي آخر!


ڪم ڪار ۾ فريبن ٺڳيون رڳو رٿيون،

حق کان ڀڄي هلي مهمان ڇو ٿي آخر!


سودن ۾ گم رهي ٿو دل کان جدا ٿي ويو

دولت جي هي جهنگل سلطان ڇو ٿي آخر!


رحمت ڪرم ڇڏيندي برباد ٿي ويندو

اي دل ٻڌاءِ توکي حيران ڇو ٿي آخر!


هر دم خطا ۾ لڳي بخشش کي وساري

رحمٰن جي ٻوليءَ کان انجان ڇو ٿي آخر!

Post a Comment

0 Comments