Subscribe Us

ڪڙيدار بيت : مھر فقير

✨ مهر فقير جي شاعري ✨

📜 ڪڙيدار بيت 📜


🌿 جيئن وڻ ضروري , رستي ڳوٺ شهر ۾ ,
🎓 تيئن تعليم هر گهر ۾ , اولاد پڙهايو اختر چئي ۔

📖 اولاد پڙهايو اختر چئي , پوکيو پڻ وڻ ,
🌸 او سهڻا ٻار سڄڻ , علم ازلئون افضل آ ۔

📚 علم ازلئون افضل آ , آهي قرآن ۾ ذڪر ,
💫 چوي فقير مهر , حديثن ۾ به هدايت آ ۔

🕊️ حديثن ۾ به هدايت آ , علم ڪيو حاصل ,
🌟 آهي سو ڪامل , جو عمل ڪري علم تي ۔

👑 جو عمل ڪري علم تي , شاهي ان جو شان ,
⚖️ آهي مرد سو مهان , جو انصاف ڪري عام سان ۔

❤️ جو انصاف ڪري عام سان , ڪري حق سدا ,
🌙 راضي انهيء تي خدا , رهندو هر جهان ۾ ۔

☀️ رهندو هر جهان ۾ , مالڪ مهربان ,
🤲 جيڪو انسان , خدمت ڪندو خلق جي ۔

💐 خدمت ڪندو خلق جي , ننڍو وڏو ٻار ,
🏫 مستقبل جو معمار , سلڇڻو ۽ سالڪ آ ۔

📕 سلڇڻو ۽ سالڪ آ , پڙهي ٿو ڪتاب ,
🌹 چوڏس گل گلاب , ٻار محافظ ملڪ جا ۔

🇵🇰 ٻار محافظ ملڪ جا , پارت ٿي پرور ,
🕊️ چوي فقير مهر , سکيا رکج سنڌ ۾ ۔

✍️ شاعر: فقير مهر ✍️

Post a Comment

0 Comments