Subscribe Us

حڪيم پريم چاندواڻي غزل


 "غزل"۔ 

حڪيم پريم چاندواڻي۔ 


ڪو داستان- غم ٻڌڻ وارو نه آ، 

پيار جو، رشتو ڳنڍڻ وارو نه آ۔ 


اڳتي وڌڻ جي بس رڳو ئي ڊوڙ آ،

ڪو سڄڻ، ڳوڙها اگهڻ وارو نه آ۔


ڇو زندگي، ڏيکاؤ جي محتاج آ

سڪ محبت کي ونڊڻ وارو نه آ۔


محبتن جي کوٽ جو ڇاهي سبب،

ڪو انائن کي، ڇڏڻ وارو نه آ۔ 


فن فڪر کي، زندگي ارپي ڇڏي،

قرب جو ڪاٿو، ڪرڻ وارو نه آ۔ 


خودغرض رشتا، لوڀ ۾ ڦاسي پيا،

اخلاص کي، قائم رکڻ وارو نه آ۔


پريم ٿو خود پيار لئي، سڪندو وتي،

ڪو زندگيء ۾، رنگ ڀرڻ وارو نه آ۔

Post a Comment

0 Comments