Subscribe Us

ڇڏيا حال وڃائي مون تنھنجي پيار ۾ او بيوفا شاعر بيوس سجـــــاد ابڙاني

غزل
بيوس سجاد ابڙاني

ڇڏيا حال وڃائي مون تنھنجي پيار ۾ او بيوفا
تڙپي ٿـــــــو پوان پلپل تنھنجي سار ۾ او بيوفا

انجام ڏئـــــي ڪوڙا اگھڻ آئين نـه تون ڳوڙھا
روندو ئـــــــــــي رھيس تنھا انتظار ۾ او بيوفا

مونســــان نـه نڀايو ٿئي صورت کان سڪايو ٿئي
ديدار ڪيو بند ٿئـــــي آھيان ويچار ۾ او بيوفا

رت ٿي مان ڇڙيو آھيان چڪيو ۽ چڙيو آھيان
'بيـــــوس سجـــــاد' ٿي گذري آزار ۾ او بيوفا

 

Post a Comment

0 Comments