Subscribe Us

هر فن مولا ليکڪ قاسم خاصخيلي کي جنم ڏڻ واڌايون مهر فقير


 هر فن مولا ليکڪ قاسم خاصخيلي کي جنم ڏڻ واڌايون
مهر فقير


سڄڻن کي سالگره جون , مبارڪون مهر فقير ,

دلبر دوست دادلا  ,  ايئن کليو پيئن کير ,

محب مٺڙا مير , سرها هجن سنڌڙيء ۾ .

     اسان جي سنڌ ۾ سنڌي شاعرن ۽ اديبن جي هڪ ريت , رسم ۽ رواج آهي ته هو هڪ ٻئي کي اهڙا اهڙا ته لقب ۽ خطاب ڏيندا آهن جو حيرت ۽ عبرت ٿيندي آهي پر حقيقت ۾ ڪو به لقب يا خطاب اهوئي عظيم هوندو آهي جيڪو عوامي خدمتن عيوض عوام جي طرفان ملي پر خير پنهنجو ڪهڙو ڪم جو خواھ مخواھ ککر کي کڙو هڻي پاڻ کي پاڻ ئي ڏنگرائي منهن سجرايون ٻيو ته وري هتي ڪير درد جي دوا به ناهي ڏيندو مٿان وري دوائون به مهانگيون آهن ها مهانگيون ته آهن ئي آهن پر دوائن ۾ به ملاوٽ آهي انهيء ڪري اثر ئي نٿيون ڪن پر دوائن جو وري ڪهڙو قصور دوائون به ته انسان ئي ٿا ٺاهن ان ڪري چونداسين ته اهڙا انسان خود ئي خالص ناهن مطلب ته ٻه نمبري آهن ۽ ٻه نمبري ڪم به ٻه نمبري ماڻهو ئي ڪندا آهن پر ان سان پنهنجو ڪهڙو واسطو ڀلا .

     سنڌ جي ادب تي جيڪڏهن ٿورو واضع لکبو ته اڪثر دوست چوندا ته ايئن ناهي جيئن اوهان سمجهو ٿا سو سمجھ خاطر ادبي شعور هجڻ گهرجي , هاڻي جيڪا اهڙي تحرير يا ڪو اهڙو شعر يا غزل وغيرھ اسان کي ئي سمجھ ۾ نه اچي ته اها شاعري عام پڙهندڙ ڇا سمجهندو ان ڪري شاعرن کي گهرجي ته اهڙي شاعري ڪن جيڪا هر ڪو آسانيء سان سمجهي سگهي باقي پاڻ لکجي ۽ وري پاڻ ئي پڙهجي ته پوء اها شاعري نه چئبي بلڪ اهڙي ڊاڪٽر جي دوائن واري پرچي چئبي جنهن تي رڳو ليڪا پاتل هوندا آهن جنهن کي سندس ميڊيڪل اسٽور وارو ئي سمجهندو باقي ٻي اسٽور وارو اهي ليڪا ڏسي چوندو ته هي ليڪا هن جي سمجھ کان زور آهن ڇو ته اهو به هڪ فن آهي ته جيئن بيمار ڪنهن ٻي اسٽور تان دوا نه وٺي سگهي بلڪ سندس جي اسٽور تان ئي خريد ڪري ته جيئن ڪمائي ڊبل ٿي سگهي ايئن ئي سنڌ جو اڪثر ادب به انهيء راھ تي هلي پيو .

     ڪراچي وڏو شهر آهي جتي نه ڄاڻ ڪٿان ڪٿان جي مخلوق غيرقانوني قبضا ڪري رهي پئي , سچ ته هي شهر هاڻي حيدرآباد ۽ ڄامشوري سان ملي هڪ ٿي ويو آهي , انهيء شهر جي وچ ۾ پراڻي سبزي منڊي ۽ موجودھ عسڪري پارڪ جي ويجهو روزگار ۽ اولاد جي روشن مستقبل خاطر سڪرنڊ واسي دلبر دوست ۽ هر فن مولا ليکڪ پيارو مُحۡمّد قاسم خاصخيلي به رهائش پذير آهي , ها هونئن به ڪراچي هر لحاظ سان هر ماڻهو خاطر موزون شهر آهي , سو جن به هن شهر کي پنهنجو سمجهي ڪرت ڪئي آهي اهو ڪڏهن به نه بکيو ستو آهي نه وري بکيو اٿيو آهي , سو قصو مختصر ته قاسم سان منهنجي به عليڪ سليڪ ڪراچي ۾ ٿي آهي ۽ جڏهن ڪو مهل موقعو ملندو آهي ته ساڻس ڪچهري ڪرڻ واسطي وٽس هلي وڃبو آهي جتي مختلف سماجي ۽ ادبي مسئلن تي روبرو گفتگو ڪرڻ سان گڏ ادبي ڪتابن جي به ڏي وٺ مطلب مٽا سٽا به ٿيندي آهي سو اچو ته اوهان کي سائين جن جو مختصر تعارف ڪرايان .

نالو : محمد قاسم خاصخيلي

ادبي نالو : قاسم خاصخيلي

والد جو نالو : محمد بخش

جنم جي تاريخ : 5 آڪٽوبر 1973ع

جنم ڀومي : سڪرنڊ شھر

ڪرت : مزدوري

تعليم : انٽر

لکڻ جي شروعات : 1987/88

پسنديدھ صنف : وائي , غزل ۽ ڪافي

     انهيء کان علاوه پاڻ سنڌ جي ٻرندڙ اشوز تي ڪالم لکڻ سميت سڪرنڊ جي مختلف ڪمن ۾ پاڻ ملهائيندڙ ڪردارن کي ڀيٽا ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو پيا اچن جن مان هن وقت تائين پنجاھ شخصيتن تي ڀيٽا جا ڪالم لکيا ۽ مختلف اخبارن ۾ شايع ڪرايا اٿائون .

ڇپيل ڪتاب : ڪو به نه

اڻ ڇپيل مواد : شاعري ۽ ڪالمن جو جهجهو تعداد موجود اٿن

ايڊريس : محرابپور روڊ خاصخيلي محلو نزد عيد گاھ سڪرنڊ

رابطو : 03013807848

     اهو ته هيو سندن جيون جو مختصر تعارف مگر پاڻ هيل تائين جنهن حساب سان محنت ڪري هن مقام تائين رسيا آهن اهو به سچ ته اسان جھڙن سستن ۽ ڪاهلن خاطر هڪ لائيف آئيڊيل آهي , اچو ته انهيء متعلق به اوهان کي ڄاڻ ڏئي اوهان جي دماغ جي زنگيل پرزن کي کولجي ته جيون ڪيئن گهاربو آهي .

     سائين جن سان جڏهن به ڪچهري ٿيندي آهي ته پاڻ ماضيء جي ڪتاب تان مٽيء جا تھ ھٽائي ۽ ورقن کي ورائيندي ٻڌائيندا آهن ته اسان ننڍي لاء کان غربت سبب پڙهي نه سگهياسين انهيء ڪري پيٽ جي پوڄا خاطر هوٽلن تي مزدوري ڪئيسون , شربت , ڇولا ۽ گجرون وغيرھ کپائي پيٽ گذر ڪيوسون والد صاحب سئلون تي ڪم ڪندو هو پر هو نشي ۽ ياري دوستي سبب پئسا ۽ وقت گهٽ ڏيندو هو , امڙ رليون ٺاهي کپايون 1990 ۽ امڙ جي فوتگيء کان پوء وڏي ڀيڻ سنڀاليو ۽ 90 ۾ ئي ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ مان ڏاڏا سائين پٽيوالي طور ريٽائر ٿيو جنهن ڪوشش ڪري مونکي پٽيوالي وٺي ڏني آڪٽراء ناڪي تي ڊيوٽي لڳي پنج درجا پاس هئس پوء ڊيوٽي دوران سٺي ذهن هجڻ جو چئي گڏ ڪم ڪندڙ سينيئر ناڪي منشين همت ۽ خرچ ڪري مونکان مئٽرڪ ۽ انٽر جو امتحان ڏياريو جيڪي مون 1994 تائين ان وقت به بنا ڪاپي جي پاس ڪري ورتا , پٽيوالي دوران محنت ڏسي مونکان ناڪي منشي جو ڪم ورتو ويندو هو ۽ 1996 ۾ استادن گڏجي ڪوشش ڪري ناڪي منشي جو آرڊر وٺي ڏنو مئٽرڪ ۽ انٽر پرائيويٽ طور ڪئي , نوڪري دوران ترقي ٿي 2013 ۾ ٽائون ۾ سينيئر ڪلارڪ جي پوسٽ ملي پر گهريلو بيمارين ۽ مسئلن سبب وقت کان اڳ 2017 ۾ اتان ريٽائرمينٽ وٺي ڇڏي , بابا سائين 2008 ۾ وفات ڪئي , پهرين شادي 1995 ۾ پڦي جي گهر مان ٿي هئي جنهن مان هڪ نياڻي ۽ هڪ پٽ جو اولاد ٿيو , بيماري سبب پهرين گهر واري 2003 ۾ وفات ڪري وئي , 2004 ۾ ٻي شادي مامي جي گهران ٿي جنهن مان هڪ نياڻي ۽ ٻن پٽن جو اولاد آهي هن وقت ڪراچي ۾ رهائش دوران به مزدوري ڪري گذر سفر جاري آهي .

     ها بيشڪ محنت ڪرڻ ۾ ڪو عيب ڪونهي ڪو ڇو ته محنت ته خود حضرت آدم کان ويندي نبي آخر زمان به ڪئي آهي ۽ جيترو سڪون محنت ڪري حلال جي روزي کائڻ ۾ آهي ايترو سواد , سڪون ۽ ذائقو حرام جي ڪمائي ۾ ڪونهي ڪو .

     قاسم خاصخيلي موجودھ وقت ۾ سنڌ جي هر اشو تي نهايت ئي بهترين انداز سان ڪالم ۽ مضمون وغيرھ لکي ڪري سنڌ جي مڙني اخبارن ۽ رسالن جي معرفت سنڌي عوام کي جاڳائي رهيو آهي ته اٿو ۽ پنهنجا حق وٺي سنڌ جي بقا کي بچايو , پاڻ رڳو ڪالم نويسيء تائين ئي محدود ڪين آهن پر پاڻ شاعري جي دنيا ۾ به سرفهرست آهن ۽ وقت به وقت مختلف صنفن تحت بهترين تخليقون پيش ڪري شعور جي لاٽ سان اونداهي جو خاتمو ڪرڻ ۾ مصروف آهن , هتي پڙهندڙن جي دلچسپي کي مدنظر رکندي سندن هڪ غزل پيش ڪجي ٿو ,

وڃي تنها رهان ڪٿ پر رشتن آ وڌو ماري

هڪ دل جي نرمي ٻيو جذبن آ وڌو ماري

*****

پنهنجا ته آهن سڀئي ناراض ٿيان ڪنهن کان

ڌاريو ڪو هجي ته چوان پنهنجن آ وڌو ماري

*****

هن روح جون رولاڪيون ڪاڏي ته ڪيان آخر

سڪ ساھ ڪڍي ٿي پر پردن آ وڌو ماري

*****

چپ چاپ ٿو جيئڻو پوي سچ ڏاڍو ڏکيو آهي

ڪنهن راھ جي راھيءَ جي لفظن آ وڌو ماري

*****

تڪليف ۾ ڪم ايندئي ڪر قاسم ڪجھ اهڙو

ڏکئي وقت ۾ پنهنجن جي لھجن آ وڌو ماري

     اڄ آڪٽوبر جي 05 تاريخ آهي ۽ 1973ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ سندن جو ڀلارو جنم ٿيو , حقيقت ۾ اها تاريخ سنڌ لاء ڀلاري ۽ ڀاڳ واري تاريخ آهي جنهن تي قاسم خاصخيلي جهڙي مدبر , معتبر ۽ مهان انسان جو جنم ٿيو , سچ ته اهڙا مور ۽ محبوب ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ئي جنم وٺندا آهن جيڪي پاڻ پتوڙي سماج کي سنواريندا آهن , جيڪي معاشري کي معطر ڪرڻ خاطر علم جي عطر جي پوک پوکي هر انسان جي ساھ کي سرهاڻ ارپيندا آهن , جيڪي ادب کي بي ادبي کان پاسيرو رکي نج ادب عام انسان تائين پهچائيندا آهن ۽ اهڙو هنر ۽ ڪمال سچ ته قاسم خاصخيلي جن وٽ آهي .

     پاڻ سچ ته سڀ کي جيء ۾ جايون ڏيندڙ شخص آهن , سدائين مرڪي ملندڙ محبوب کي هن پر مسرت جنم ڏڻ جي موقعي تي هي فقير دل جي اٿاھ گهرائين سان

Happy Birth Day To You قاسم خاصخيلي

چوي ٿو ۽ دعا ٿو ڪري ته رب ڪريم ادا جن کي سدا سلامت رکي ۽ سندس عمردراز ڪري ته جيئن هو علم ۽ قلم جي معرفت سنڌ ۽ ادب جي خدمت ڪري سگهي , آخر ۾ پياري سائين جن جي شان ۾ هڪ ٻه سٽو بيت عرض آهي ته

قاسم جي قلم تي , سدا مون کي ناز ,

عجيب جو انداز , موهي ٿو مهر چئي .

۽ ايئن ٻيو بيت هي ته ,

ساجن تنهنجي سونهن جو , ڪهڙو من مثالُ ,

آهين لالڻ لازوالُ  ,  ازل کان اختر نواز چئي .

Post a Comment

0 Comments