غزل
بيوس سجاد ابڙاني
بيقدري کي وقت ٻڌائيندو
جڏھن اڪيلائي جا ڌڪ کائيندو
ھو ھينئر ھجومن ۾ آھي
ضرور مغروريءَ سان ڳالھائيندو
ڪالھ مون ٿي ڪيون منٿون
سڀاڻي ھو جھولي ڦھلائيندو
جڏھن مان ويندس دل پلي
تڏھن ڏاڍو ھو پڇتائيندو
ھڪ جھڙو وقت ناھي رھڻو
"بيوس" جا غزل سدائين ڳائيندو
1 Comments
ماشاءالله تمام بھترين غزل پيارا سجاد
ReplyDelete