Subscribe Us

نظم سڪندر اسماعيل لوھار

سڪندر اسماعيل لوھار

نظم

هر وقت جي باغي ويرن سان
مونکي محبت آ مونکي محبت آ

ڀلي رت سھانيون راتيون ٿين
۽ بم بارود جون باتيون ٿين
ڀلي بر برھ جون باکون ٿين
۽ سنڌ لئه سيج سلاخون ٿين
ھن زندانن زنجيرن سان
مونکي محبت آ مونکي محبت آ

ڀلي جوڌا جنگ ۾ خوب ھجن
ميدان ۾ دھشت روب ھجن
من مٽيءَ سان منسوب ھجن
موجود ڀلي محبوب ھجن
ھن ديس بھادر بيرن سان
مونکي محبت آ مونکي محبت آ

ھي سنڌڙي سنڌ وطن گھرجي
آزاد گل و گلشن گھرجي
آزاد زمين و گگن گھرجي
آزاد پکين جو چمن گھرجي
آزاد ھوا جي ھيرن سان
مونکي محبت آ مونکي محبت آ

جي جوان جري ڪڏھن نه جھڪيا
ڪجھ ماڻھو مرد مجاھد ھئا
ھر ظلم و جبر سان اٽڪي پيا
ھو پاڻ شھيد و شاھد ھئا
تن زنده دل ضميرن سان
مونکي محبت آ مونکي محبت آ

ھي سنڌ سونھاري سندر آ
ھي مٽي من جو مندر آ
ھي ڌرتيءَ جنھن جي دلبر آ
سو سنڌ سپاھي سڪندر آ
ديس لاءِ تلوارن تيرن سان
مونکي محبت آ مونکي محبت آ

Post a Comment

0 Comments