Subscribe Us

حڪيم پريم چاندواڻي

آئيني جي اڳيان - حڪيم پريم چاندواڻي

آئيني جي اڳيان

حڪيم پريم چاندواڻي

رئيساڻا گهوڙا، وري غييبي هسوار، اهڙي جاري، هر هنڌ آ ڪار۔

پرائي مال تي، ٽوپي نراڙ تي۔ بگهڙ آ محافظ، ٻڪرين جي واڙ تي۔

ڪوئي ٻليء جو کيل آ جاري، زرخيز زمينون، اڏي ٿي واري۔

پاڻ گهمن ٿا گلن جي گسن تي، مسڪينن گهمن ٿا ڪنڊن جي رستن تي۔

شرفا سدائين، عيش ڪرن ٿا، غربا سدائين، بک ۾ مرن ٿا۔

جيئن ڀلارا، ماھه اچن ٿا، واپارين جا، ڀاڳ کلن ٿا۔

هڪ ملاوٽ، ٻي آ مهانگائي، هر مصيبت پنهن جي حصي ۾ آئي۔

مسڪينن جا، سور وڌن ٿا، هر رات ستارا، ڳڻي ڪٽن ٿا۔

پيا چنڊ ستارا، ٽوڪن ٿا، کلندي کلندي، کيرا ٿين ٿا۔

واھ عاملن جا، ڀاڳ ڀلارا، نادان جاهل، راشين جا وارا نيارا۔

عيش ڪرن ٿا، باطل سارا۔ سادا ماڻهو، ڦورو رهبر، پارس ٿي پيا، ڪيئي پٿر۔

ڀاڳ ڏئي ٿو، جن کي ڀيڙو، ساڳ پالڪ مان، ٿي پئي سيرو

ڇا ته بي شرمن جي آهي چال نرالي، جهڙي آهي پني، تهڙي ڇالي۔

عيشن ۾ سڀ مڙس موالي، ڪي بخيل ڪي وڏا زوالي۔

سڀ کان سٺو هو چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا۔

هاڻي چار سؤ ملھه ۾ کپن ٽماٽا، ملاوتي سڀ مال ادا، خبرون ٻڌايان آخر ڇا ڇا۔

چانور کائڻ کان ئي ويا هن، ڦل فروٽ ٿا اڀ سان ڳالهيون ڪن۔

بس پيٽ ڀرڻ لئي کاڌو گهرجي، ڪون دولت جو، گاڏو گهرجي۔

هيء مجبوري ڪا، مجبوري آ، پر شرفا لئي، عيش ضروري آ۔

مال پرائو، دل ۾ رحم پو ڇا جو، احساس وڏن کي ٿيو، آ نڪو ٿيندو۔

سڀ پيٽ ڀريل جون ڳالهيون آهن، روز نيون ڏچي جون چاليون آهن۔

رت پياڪ ٿي ڳاڙها پيا هن، مظلوم نٻل سڀ، ڪريا پيا هن۔

جيسين عدل نه، جڳ ۾ ٿيندو، مظلوم بکن ۾، مرندو رهندو۔

ڪٿي حملا وسن ٿا، بم گولا، ڪٿي امن جي روز آ ڳولا۔

سڀ عالمي ادارا، نالي جا، سي سفيد هاٿيء جيئن ٿيا۔

واڳونء وارا، سڀ ڳوڙها ڳاڙن، ڇو نٿا، سي حالات سڌارن۔

ڪيڏا نه، ٻهروپي سي چهرا، سانڊي جيان ست رنگ، مٽن ٿا۔

ڪير ٿيندو آڌار، مسڪينن جو، امن محبت آس هجي غريبن جو۔

جيسين سچ، ثابت ٿيندو، ڪوڙ ڪري سڀ، ڪاتر ويندو۔

جي ڪتو گهر جو، غافل ٿيندو، بکيو گدڙ کائي سڀ ڪڪڙ ويندو۔

حال اهو جي، جاري رهندو، گهر سڄو، ڀڙڀانگ ٿي ويندو۔

وقت اڃا به ويو ناهي، جي سرت اسان جي وري آهي۔

هٿ پير ته هڻڻو پوندو ورنه بک تي، لڳي ترو ويندو۔

هوش کان ڪم آ وٺڻو، جوش جبر کان دور آ رهڻو۔

آسانيون ڪي پيدا ڪجن، ڇو مسڪينن جون آهون دانهون ٻڌجن۔

جيئن دير تيئن ٿي وير وڌي، ڇون ٿو سڀ جو خير گهرجي۔

آهون اگر سيني ۾ دٻبيون، سي ته لاوا وانگي اٻري پونديون۔

هر فرياد جو ٿو داد ٿئي، تڏهن ٿو جڳ آباد رهي۔

بک بدحالي هيء ڪون ويندي جيتر آس عدل جي راس نه ٿيندي۔

بدنظمي بي وسي ڇو وڌي پئي، بدامني ٻي حرام خوري جو وڌي پئي۔

سڀ ڪجھه صحيح ٿي ويندو، نيڪ نيتي، سچائيء جو جي نظام هوندو۔

سکڻا نعرا سکڻا وعدا، قوم وڃايو آهي ڇا ڇا۔

مٺا ٿوري سنجيدگي، هيء سڌري ويندي زندگاني۔

بک بدحالي نصيب ناهي، اها بيماري بڇي وئي آهي۔

جي ڏوهارين کي ڇوٽ هوندي، روز ريٽي ڳاڙهي رت وهندي۔

روز لاشا ڪرندا رهندا، روز آهون سڏڪا پٽڪا هوندا۔

پاڻي سر کان چڙهي ويو آ، وقت ڏاڍو ڏکيو جو اچي ويو آ۔

سڀ ڏوهي ماري ڇڏجن، ست سج اڀاري ڇڏجن۔

سج لهي جي ويندو، اوندھه انڌوڪار ٿي ويندو۔

هر ڪو اسان تي کلندو، ٽوڪن ٺٺولين طنزن جو مينهن اسان تي وسندو رهندو۔

لوسي لپاٽي واڇ ٽيڙي ٽهڪ ڏئي کلندو۔ هيڙو هيڙو پڻ چوندو۔

گيدي پڻي کان بهتر آ، ڪو سوجهرو ڪو ڏيئو ئي ٻاري ڇڏڻو آ۔

ڏيئي مان جي ڏيئو ٻرندو جڳ سمورو روشن جڳ مڳ جڳ مڳ ٿي ويندو۔

هڪ نئون جهان جڙي پوندو، هر خواب تعبيرون لهندو۔

ٿورو اڳتي وڌي ڏسجي، منزل کي به رسي ڏسجي۔

ڳالھه آ ساري عمل جي، ورنه چال سموري جھل جي۔

آئيني جا ٻئي پاسا، روز روشن جان روشن ٿيا۔

اوندھه ڪيو يا سوجهرو، هر عمل اوهان جي وس ۾ ٿيو۔

کپي عملن جي، سچائي ٿي،

نيڪ نيتن جي، روشنائي ٿي۔

Post a Comment

0 Comments