شاھ ڀٽائي ۽ ڌرتي جي دانھن ھڪ خط قلمڪار: اڪرم حيدري
اي لطيف، اي محبت جا مرشد، اي وحدت جا واعظ، اي درد جا درويش!اڄ تنهنجي ڌرتي تو سان ڳالهائي ٿي، تنهنجي مزار جي مٽيءَ مان دانھن ۽ فرياد جي خوشبو اٿي ٿي۔
اي لطيف، تنهنجا بيت تہ اڃا بہ آسمانن ۾ گونجن ٿا، پر ڌرتيءَ تي تنهنجي پيغام جو آواز ڄڻ گم ٿي ويو آهي۔اڄ جا اديب ۽ شاعر، جيڪي تنهنجي فڪر جا وارث هئڻ گهرجن ها، سي پاڻ ۾ ئي وڙھي ويا آهن.زبان جي فخر ۾، ذات جي غرور ۾، قوم جي پرستش ۾، ۽ دنيا جي چمڪ ۾۔انهن مان ڪي تنهنجي ڪلام کي فخر سان پڙهن ٿا، پر فڪر سان سمجهن نٿا۔ڪي تنهنجي بيتن کي موسيقيءَ ۾ ڳائين ٿا، پر انهن جي معنوي موسيقيءَ کي محسوس ڪرڻ کان محروم آهن۔
اي لطيف، تنهنجا بيت تہ قرآن جا ترجمون هئا، پر افسوس! انهن کي ميلن بازارن جا ترانا بڻايو ويو۔
اڄ سنڌ جي اديبن ۽ حڪمرانن ٻنهي جي تو وٽ دانھن آهي،
ڇاڪاڻ تہ جن کي تنهنجو فڪر روشن ڪرڻو هو، سي اونداهيون وڌائي رهيا آهن۔تنهنجي نالي تي يونيورسٽي تہ ٺاهي وئي، پر تنهنجو فڪر نہ پڙهايو ويو۔ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون ۽ ساليانا ميلا تہ ٿين ٿا، پر تنهنجي تعليم ، محبت، اخوت، ۽ انسانيت پٺتي پيل آهي۔توهان جو بيت “هي بيت منهنجا آيتن جا ترجمون آهن” صرف حوالو بڻجي ويو آهي، عمل جو سبق نہ رهيو۔اي لطيف، تنهنجو سنڌ تہ علم جي بدران “سفارشي ڪلچر” ۾ ڦاٿل آهي،“ڪاپي ڪلچر” ۾ غرق، “اقربا پروري” ۾ گم، “دولت پرستي” ۾ مگن آهي۔اي لطيف، جن حاڪمن کي تو حڪم ڪيو هو تہ “صوفي فڪر” کي اڳتي وڌائيندا،اُهي حاڪم اڄ پنهنجن مفادن جا مجاور بڻجي ويا آهن۔تنهنجي نالي جا ميلو تہ لڳائين ٿا، پر تنهنجي فڪر جا ميلا نٿا لڳن تنهنجي نالي جا گيت تہ ڳايا وڃن ٿا، پر تنهنجي بيتن جو درد ڪنهن جي دل تائين نٿو پهچي۔اڄ تنهنجي سنڌ جا حڪمران تنھنجي سنڌي سٻاجهڙن تي ظلم جا پهاڙ ڪيرائين ٿا.ڪٿي بک ماري ٿي، ڪٿي بيماري، ڪٿي تعليم جي کوٽ، ڪٿي انصاف جي نايابي۔اي لطيف، تنهنجو سنڌ جو سماج اڄ احساس کان خالي ٿي ويو آهي۔نہ ٻارن تي شفقت، نہ وڏن تي رحم، نہ عورت جي عزت۔جن جي هٿن ۾ قلم هئڻ گهرجي، انهن جي هٿن ۾ نفرت جا نعرا آهن۔جن کي تو چيو هو٫ عالم آباد ڪرڻ جو” سي اڄ “منهنجي ۽ تنهنجي” جي ڀڃ ڊاھ ۾ لڳل آهن۔اڄ تنهنجي بيتن جو “رحم” لفظ ڪتابن تائين محدود آهي،۽ “پيار” جو پيغام سياست جي زير زمين دفن ٿي ويو آهي۔
اي لطيف، تنهنجي سنڌ ۾ علم جا ادارا آهن، پر عقل جا نہ؛ميلن ۾ شور آهي، پر شعور نہ؛يونيورسٽين ۾ تحقيق آهي، پر حقيقت نہ۔
تو چيو هو:
“جي تو بيت ڀانيان سي آيتون آهن”
پر اڄ جا اديب تنهنجي بيتن مان آيتن جو نور وساري ويٺا آهن۔
اي لطيف، تنهنجي سنڌ جا اديب تنهنجي فڪر جا ترجمان بڻجڻ بدران،لساني ۽ علائقائي تنگ نظرين جا علمبردار بڻجي ويا آهن۔انهن جي قلم مان “انسان” جو درد غائب، ۽ “برادري” جو فخر ظاهر آهي۔تو تہ چيو هو تہ:
ھو چونئہ تون م چئو واتان ورائي
اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي
پر اڄ ماڻهو لفظن ۾ لذيذ ۽ عملن ۾ لاءِ لوچ بڻجي ويا آهن۔اي لطيف، تون غريبن جو هڏ ڏوکي هئين، پورهيتن جو پار ٻڌڻ وارو هئين،پر اڄ تنهنجي ڌرتي تي غريب جي دانھن ٻڌڻ وارو ڪير بہ ناهي۔تنھنجي سنڌ جو اگھو اگھاڙو بيمار بکيو بيواھ دربدر يتيم بي يارو مددگار پيرسن غمن ۾ پيڙھيل آھي.هي سماج جيڪو تو محبت جي بنياد تي جوڙيو هو،اڄ نفرت جي نوڪ تي ٽٽل آهي،جتي هر ڪو پنهنجي مفاد جو مجسمو بڻجي ويو آهي۔اي لطيف، تنهنجي سنڌ جا بگھڙ ۽ ڪتا تنھنجي سنڌي سٻاجهڙن کي نوچين ٿا،تنھنجا حڪمران اول تنھنجي بيت سان تقرير ڪن ٿا، پر تنهنجي تعليم وسارين ٿا۔
تو چيو هو تہ “اِهو جهان عارضي آهي، حقيقت محبت ۾ آهي”،
پر اڄ دنيا پرستي سندن ڌرم بڻجي چڪي آهي۔ڌڻي در دعا آھي اي لطيف،تہ تنهنجي سنڌ وري محبت جي راھ تي اچي،
اديب وري انسانيت جا امانتدار بڻجن،شاعر وري سچ جا سفير بڻجن،۽ حڪمران تنھنجي فڪر کي ڪتابن نہ، پر عملن ۾ زندھ ڪن۔اي لطيف، ڌڻي در دعا آھي تہ تنهنجا بيت وري دلين تائين پهچن،تہ تنهنجو پيغام وري پيار بڻجي پکڙجي،۽ تنهنجي سنڌ وري تنهنجي بيتن جهڙي پاڪ ۽ پرنور بڻجي وڃي۔اي لطيف،ڌڻي در دعا آھي اڄ تنهنجي مزار جي مٽيءَ تي بيٺل سنڌيءَ سٻاجهڙي جو اهو اعلان آهي.جيڪو تنھنجي فڪر جو فقير آھي سو ئي تنھنجي پيغام جو وارث ۽ امين آھي ۽ تنھنجي ڏسيل واٽ محبت جو مسافر آھي ۽ حقيقت ۾
لطيفي چوائڻ جو مستحق آهي۔

0 Comments