مهر فقير جي شاعري
غزل مھر فقير
موهن مڪلي روپا ۾ خاموشي
چوڪنڊيءَ ۽ سونڊا ۾ خاموشي
ڪو به نٿو ڪري ڪا ڪچهري
او ڀائو آ بوهي قبا ۾ خاموشي
گهميس ڪئي مزارون درگاهون
ڏٺم قبرستان گورا ۾ خاموشي
ڪنهن سان سليان سور دل جا
ڪاهوء ۽ منصوره ۾ خاموشي
مندرن ۾ ڀي ويو هوس دوست
ها ها هئي ڪليسا ۾ خاموشي
ماڳ مڪان ڪوٽ قلعا سڀئي
ڀنڀور اگهم هڙپا ۾ خاموشي
ڪندا ها جيڪي ننڍپڻ ۾ پيار
سندن پير نهال شاھ ۾ خاموشي
ساز رهيو نه محفل جي رونق
هر دل جي آ آھ ۾ خاموشي
سڻن من سڏڙا سڏيندو رھ سو
ڇو رکي ٿي صدا ۾ خاموشي
مل مرڪي مهر فقير سان من
چڱي نه آ رسم وفا ۾ خاموشي
مهر فقير
0 Comments