" تقدير"
قسط پهريون (1)
(ناول)
ليکڪ : عابد شبير سنڌي
زندگي ڀڳوان شو جو ڏنل هڪ انمول تعفو آهي ۔
هن زندگي ۾ ڀڳوان جي طرف کان ڪيترائي آزمائيشون اينديون آهن۔
ڪجھ پيار جون آزمائيشون هونديون آهن ته ڪجھ وري انسان کي جيئڻ جو رستو به ڏيکارين ٿيون ۽ هر آزمائيش ۾ هڪ سبق به هوندو آهي ۔
پر انسان هر آزمائش مان گذري نه سگهندو آهي۔
انهن مان هڪ آزمائش منهنجي لاء به هيو۔
آء راجو آهيان آء پنهنجي تقدير جي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو آهيان ۔
اهو قصو جنهن ۾ زندگی پنهنجا ڪيترا رنگ مونسان کيڏيا آهن۔
مارچ جا ڏينهن هئا. . . .
منهنجي ٻن ڀيڻن جي شادي کان پوءِ جو وقت هئو انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ ڇوڪري منهنجي دل ۾ گهر ڪرڻ لڳي.
پونم :
نالي وانگر هو مڪمل چنڊ جهڙي هئي۔
پونم بلڪل حسين پونم هئي۔
۔پونم جي تعريف نه ڪرڻ ڄڻ لفظن سان ناانصافي ڪرڻ آهي،
ڇو ته ڪجهه حسن اهڙا هوندا آهن، جن کي تعريف جي ضرورت ئي ناهي هوندي۔
هوءَ صرف هڪ ڇوڪري نه هئي،
پر منهنجي روح لاءِ سڪون جو هڪ جهان هئي۔
پونم جون معصوم ادائون ۔ پاڪيزگي، ۽ مڪملت کي ظاهر ڪن ٿيون۔
ننڍ پڻ جون اهي انمول ڏينهن وسارڻ جهڙيون ناهن ھونديون۔
پر وقت ڪنهن جو انتظار ڪاٿي ٿو ڪري۔؟
انسان جي وجود ۾ هجي۔ته هو "ماھ ديو" جي ڏنل ننڍپڻ کي اڳتي وڌائي ئي نه۔
ڇو جو ننڍ پڻ جا ڏينهنڙا خاص هوندا آهن۔
نه ڏک سک جو احساس هر پريشاني کان۔آزاد۔ هوندا آهيون۔
انسان آخر وڏو ٿي ٿو وڃي ۔ وقت جي سئي ٺڪ ٺڪ ڪري هلندي ٿي رهي۔
۽ انسان ان حد تائين پهچي ٿو جتي جتان هن لاء هر ذميوارين سان گڏ هلڻو ٿو پوي ۽ ننڍن ٻارن کي ڏسي
دل واپس بچپن۔۔۾ اچڻ۔جي ڪري ٿو۔
پر پوء گهڻو دير ٿي ويندو آهي۔
اسان ننڍپڻ کان گڏ کيڏندا هياسين ۽ هوءَ منهنجي ننڍين ڀيڻن سان راند ڪندي هئي،
پر سندس ويجهو رهڻ جي ڇڪ مونکي به انهن راندين ۾ شامل ٿيندو هيس۔۔
هي اها ڇڪ هئي جو آء نه چاهيندي به ان ڏانهن هليو ويندو هيس۔
پونم سان ملندي ئي ڄڻ آء پاڻ کي ڪنهن الڳ دنيا ۾ ڀائيندو هيس۔
جڏهن مان راند ۾ شامل ٿيندو هئس، ته سنجيده راند به کل ڀوڳ ۽ شرارت ۾ تبديل ٿي ويندي هئي.
مان ڪڏهن کجور (کارڪ) کائيندي ان جا ٻج پونم ڏانهن اڇلائيندو هئس،
۽ پونم مون ڏانهن اهڙي نگاھ سان ڏسندي هئي جنهن ۾ پيار به هوندو هو ۽ هلڪي ڪاوڙ به.
ائين ڄڻ محسوس ڪرائيندي هجي منهنجي هٿ ۾ اچ ته پنهنجي ٻانهن ۾ جڪڙيان توکي۔
پونم وري ساڳيو ٻج کڻي مون ڏانهن اڇلائيندي، ڄڻ ته منهنجي شرارت جو جواب ڏئي رهي هجي.
ان شرارت ۾ به هڪ پنهنجائپ محسوس ڪرائيندي هيئي۔
ڪڏهن ڪڏهن تون مون سان ناراض ٿيڻ جو ناٽڪ به ڪندي هئين، شايد ان لاءِ ته منهنجي ڀيڻن کي ڪا شڪ نه پوي.
آء ايڏو نادان ته نه هيس اڃان ڪجھ سمجهي نه سگهيو هجان۔ ؟
شايد وقت سان گڏ مونکي محسوس ٿيو ته پونم کي به منهنجي احساسن جو اندازو ٿي ويو هجي. ؟
ڄڻ اکين جي اشارن ۾ چئي رهي هجي۔؟ راجو آء صرف تنهنجي آهيان۔
توکي پنهنجي دنيا ۾ شامل ڪرڻ ٿي چاهيان هلي اچ
پنهنجي هڪ الڳ دنيا آباد ڪيون جتي صرف تون ۽ آء هجان
اهڙي طرح هي ننڍڙن لمحن ۽ اڻ ڳالهايل احساسن جو قصو ڪافي وقت تائين هلندو رهيو۔۔
پونم تون سنڌ ماتا جي ڪامريڊياڻي به هئين۔۔۔
هلندڙ۔

0 Comments