Subscribe Us

نظم وساري درد سڀ پنهنجا سينگار سنڌي شعور لائيبريري

 نظم سينگار سنڌي 

وساري درد سڀ پنهنجا 

تنهنجي خوشي ۾ شامل ٿياسين

تو پئي سمجهو اسان تو بنا

پرين ڏاڍا خوش هياسين


دنيا کان لڪائڻ لئي

توکي سچو بڻائڻ  لئي

تنهنجي شادي ۾  آياسين

تو پئي سمجهو اسان تو بنا

پرين ڏاڍا خوش هياسين


رکي درد سڀ دل ۾ 

آياسين تنهنجي محفل ۾

مرڪ هئي چپن تي سائين

اندر ئي اندر ۾ روندا رهياسين

تو پئي سمجهو اسان تو بنا

پرين ڏاڍا خوش هياسين


توکان پو مونکي زندگاني 

وڻي ڪونه ٿي سفا او جاني

پنهنجي بيوسي او سائين

 چرين وانگي کلياسين

تو پئي سمجهو اسان تو بنا

پرين ڏاڍا خوش هياسين


تو چيو ڇڏ وساري مونکي

مون چيو ڇڏيندم وساري توکي

ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت نه هئي

مگر اهو ڪوڙ ڳالهائي ويٺاسين

تو پئي سمجهو اسان تو بنا

پرين ڏاڍا خوش هياسين


پرين آيا جڏهن خواب تنهنجا

وڌندا ويا پو ته عزاب منهنجا

ڀري ڇرق ڏاڍا پو پرين 

اسان ته ننڊ مان اٿياسين

تو پئي سمجهو اسان تو بنا

پرين ڏاڍا خوش هياسين


تو ڏٺو ڪونه ڪهڙو حال ٿيو

جيئڻ تو بنا آهي جنجال ٿيو

ساه آهي اڃان هن جسم ۾ 

بس مجبوري خاطر جياسين

تو پئي سمجهو اسان تو بنا

پرين ڏاڍا خوش هياسين


ڪيئن ڪٽبي هي عمر ساري

تو بنا پرين رڳو آهي بي قراري

ڇا لکان اي سينگار سنڌي

بس جدائي ۾ جلياسين

تو پئي سمجهو


✏سينگار سنڌي

Post a Comment

0 Comments