تنها سجاد شورو
(ڪمپوزر ۽ ڊزائينر شعور لائيبريري)
اصلاحي غزل
آنا کي ڪر فنا!! اي انسان
گنهگار ۽ ڪنا!! اي انسان
پنهنجي اندر کي ڪر صاف
نه ڪر غيبت زنا!! اي انسان
فجر وقت ڀلو شروعاتي جو
پڙھُ حمدُ و سنا!! اي انسان
آکر پڙھُ الف جو هر واري
سچا پڙھُ پَنا!! اي انسان
اٿئي انڌي بي نُور زندگي
علم و ڄاڻَ بنا!! اي انسان
ڏسي ظلم دنيا ۾، نيڻ ٻئي
خوفِ خدا ۾ رونا!! اي انسان
دنياداري اٿئي مختصر ڪهاڻي
"سجاد" سا بي معني!! اي انسان
0 Comments