شعور لائبريري
شعور لائبريري تي ڀليڪار * سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابن جي بھترين ويبسائيٽ * شعور ھڪ آنلائن لائبريري آھي جنھن تي مختلف موضوعن تي ڪتاب رکيا پيا وڃن * شعور لائبريري تي اگر توھان به ڪو ڪتاب رکرائڻ چاھيو ٿا ته اسان سان واٽسپ تي رابطو ڪريو * شعور لائبريري واٽسپ نمبر 03022500203

فياض سمائر جو تعارف

فياض سمائر جو تعارف 

شاعر فياض احمد سمائر


اصل نالو  .فياض احمد سمائر 

ادبي نالو.  فياض سمائر   

ولد . شمس الدين

ذات  سمائر 

ڄمڻ جي تاريخ.8 مئي 1985

پتو.پوسٽ ۽ ڳوٺ سلطانپور تعلقو پنوعاقل سکر

تعليم  ايم اي سنڌي , 

ڪرت. سرڪاري استاد

لکڻ جي شروعات  2005

صنفون  .غزل . نظم . چوسٽا ۽ نثر

 ڇپيل .سنڌو .عبرت ميگزين. گل ڦل.ڪاوش. ڪوشش. شيخ اياز پبليڪشن.سرمد سنڌي پبليڪيشن



سندس شاعريء مان ڪجھ چونڊ 


غزل


فياض سمائر


ديد اڄ روبرو ڪري وٺجي،

يار سان  گفتگو ڪري وٺجي


ڳالھ دل جي زبان تي آڻي

هر عيان آرزو  ڪري وٺجي


وار محبوب جا وري ڇوڙي،

گهر سڄو نازبو ڪري وٺجي


سنڌ ڌرتيءَ ۾  پڳا آهيون،

ترس پهريان وضو ڪري وٺجي


هوءَ ڀل جان ملي، ملي نہ ملي!

پو بہ ڪا جستجو ڪري وٺجي


جنگ جوٽي فياض جابر سان،

سر سندو سرخرو ڪري وٺجي


غزل


فياض سمائر سلطانپور


الفت کي ڇاڪاڻ ڪڍون؟

قلب منجهان ڪاراڻ ڪڍون!


ڌاريا دنگ لتاڙن پيا

حد جو ليڪو هاڻ ڪڍون


پاڻ پرين جي پرچي پئي

ڪنهنجي ڇالئہ ڪاڻ ڪڍون؟


خوشحالي جا خيما کوڙي

غربت جي گدلاڻ ڪڍون


ڪين وٺي ڇڪتاڻ جنم 

من مان جي ميراڻ ڪڍون


مرڪ پکيڙي مک، مک تي

اکڙين مان آلاڻ ڪڍون


نثري نظم


ٻار


ابا....!!!!!

مان ته جيڪو پني آيس

روز جيان

اهي پئسا مونکان کسي!!!

چرس پيئندين.. !

مونکي به بک لڳندي آ

مان ڇا کائيندس...؟؟؟

ابا........

ڀر واري پکي ۾

پڇندڙ ماني جي خوشبو

مونکي سمهڻ نٿي ڏي....!!!!!!!!! 


وائي



ڪنهن جي خاموشي به ڪا

..............................معنا رکي ٿي


ڪو جي محفل مان اٿيو ڀڙڪي!

ڀڙڪائيندڙ جي هشي به ڪا

.............................معنا رکي ٿي


ڪو اگر خوشي ۾ ويو مري!

ان جي خوشي به ڪا

..........................معنا رکي ٿي


منگتي منگيو رکو ڳڀو!

بکاري لئه ماني رکي به ڪا

........................معنا رکي ٿي


ماءُ ڏني جا پٽ کي مٺي

ماءُ جي ڏنل سا مٺي به ڪا

.......................معنا رکي ٿي

Post a Comment

0 Comments