Subscribe Us

غزل فياض سمائر الجھي پوان ٿو ھڪڙي سوال ۾

شاعر فياض سمائر
غزل شاعر فياض سمائر

غزل


اُلجھي پوان ٿو اڪثر ھڪڙي سوال ۾
 ڇالئہ اچي ٿي ھر ھر منھنجي خيال ۾

خوابن جو خون ٿي ويو توکي خبر نہ پئي
 سالن کان سوڳ آھي'' اک جي عيال ۾''

ڪيڏو وسيع ڪيو ٿي دوريءَ جو دائرو
 ڀـــيرو ڀرڻ نہ آئينءَ ھڪڙو بہ سال ۾

جيڪو بہ اٿئي چوڻو تون صاف صاف چئہ 
 مون سان نہ ڳالھ ڪر تون ويڙھي رومال ۾

وڻ ٽڻ پکي ۽ پوپٽ جھومن نچن پيا
ٿي ڪير گيت ڳائي اڄ سر ۽ تال ۾

Post a Comment

0 Comments